سڪندر آرٽ گئلري

سڪندر آرٽ گئلري

سڪندر آرٽ گئلري

سڪندر آرٽ گئلري: سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه شهر، ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ واقع آهي. هيءَ گئلري مصوريءَ جي فن، ڪاشيگري ۽ هٿ جي هنرن جو شاهڪار نمونو آهي. هيءَ انجنيئرنگ ۽ آرڪيٽڪچر جو ننڍڙو ماڊل پڻ آهي، جنهن جو باني سنڌ جو نامور مصور قاضي خضر حيات آهي.
سڪندر آرٽ گئلري 600 گزن جي پلاٽ تي قائم ڪئي وئي آهي. هن ۾ ٻه وڏا هال آهن، جن ۾ مختلف ڪارنر قائم ٿيل آهن. ايلويشن ۾ ڪانن واري فريم ٽائيل، ان جي هيٺيان ڇهن انچن جو ٽائيل بارڊر مونو گرام وارو سلائيڊنگ دروازو، آدم قد درين ۾ هٿ ٻڌي آڌر ڀاءُ ڪندڙ عورتن جا اسٽيل گرل ماڊل خوبصورتيءَ جو نمونو آهن. گئلريءَ جي ڪمرن ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان راهداريءَ جي بلو ٽائلن واري لائونج اندر شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي رنگين موزئڪ وارو آدم قد ميورل ٺهيل آهي، جنهن جي سيد قائم علي شاهه پنهنجي پهرين وڏ وزارت واري دور ۾ سڪندر آرٽ گئلريءَ جو افتتاح ڪيو هو. گئلريءَ جي اولهه واري ڀت تي ديوار جي سائيز جو سنڌ جو نقشو، ڪعبة الله شريف جي وڏي تصوير ۽ قرآن شريف جي آيتن جا خوبصورت اسڪيچ لڳل آهن. هال جي ٻاهران ڪنڊ ۾ ڀُٽي صاحب جو ٽائيل تي مشتمل اسڪيچ 1981ع جو تيار ڪيل آهي، ان کانسواءِ ڀُٽي خاندان جا ننڍا وڏا پورٽريٽ لڳل آهن، جن ۾ شهيد مير مرتضى ڀُٽي جو پورٽريٽ وڌيڪ نمايان آهي. گئلريءَ جي ورانڊي جي ڪاشيءَ جي پيلين ڍڪڻين واري گِرل ڏسڻ وٽان آهي، اتي اسٽيل گرل سان قائد اعظم ۽ سندس ڀيڻ فاطمه جناح جو پورٽريٽ به ڏسڻ وٽان آهي.
هن گئلريءَ ۾ ست جدا جدا ڪارنر ٺاهيل آهن، جن ۾ خطاطي ڪارنر، قرآني آيتن، پاڪ نالن، شاهه سائين جي بيتن، الله تعاليٰ جي 99 صفاتي نالن ۽ رسول پاڪ جي نالن جون 4 عدد وڏيون ميورس تي مشتمل آهي. هنن تي رنگين ڪيليگرافيءَ سان تمام سهڻو ڪم ٿيل آهي. گئلريءَ ۾ مختلف ڪارنر قائم آهن:
ڪلچرل ڪارنر: سنڌي ثقافت جي حوالي سان هن ڪارنر ۾ مختلف رنگين ٽائيلون، رنگين ثقافتي تصويرون، ڪاشيءَ جا ننڍا گلدستا ۽ وڏا گلدان نهايت وڻندڙ آهن.
لئنڊ اسڪيپ ڪارنر: هن ڪارنر ۾ سنڌ جي واهن، وڪڙن، درياهن، ماڳن ۽ مڪانن جون ڪيتريون وڏيون تصويرون ۽ ننڍيون ٽائيلن تي پينٽ ڪيل تصويرون سجايل آهن.
پورٽريٽ ڪارنر: هن ڪارنر ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي مشهور شخصيتن جا پورٽريٽ، ٽائيلن تي وڏين پليٽن تي ٺهيل آهن، جن ۾ مڌر ٽريسا،
سائين جي. ايم سيد، پير سائين پاڳارو، ايڇ. ايم خواجا، قاضي فيض محمد، استاد بخاري، قاضي عبدالحئي قائل ۽ ٻين اهم شخصيتن جا پورٽريٽ محنت سان ٺاهي لڳايا ويا آهن.
مشاهيرن جو ڪارنر: هن ڪارنر ۾ عالمي سطح کان وٺي پوري سنڌ جي عالمن، بزرگن، شاگردن، استادن ۽ قومي خدمت ڪندڙ ڪيترين ئي شخصيتن جا ٽائيلن تي فريم ڪيل اسڪيچ نمائش لاءِ رکيل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر افغان، مظهرالحق صديقي، نثار صديقي، علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ايس، ايم قريشي، محمد ميان سومرو قابل ذڪر آهن.
پراڻي ڪاشي ڪارنر: هن ڪارنر ۾ پراڻي ڪاشيءَ جا نمونا، فيض محل خيرپورميرس، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي روضن، خداآباد مسجد ۽ ڀنڀور مان هٿ ڪيل پراڻي ڪاشيءَ جا ڪجھه نمونا رکيل آهن. ان کانسواءِ نوشهري فيروز مدرسي مان هٿ فارسيءَ ۾ لکيل 1858ع ڌاري جون ٽائيلون ۽ هالا جون 1929ع ڌاري جون ٽائيلون سنڀالي سنواري رکيل آهن.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪارنر : هن ڪارنر ۾ شهيد بينظير ڀٽو جا 10 وڏا پورٽريٽ ۽ لاتعداد ننڍا ننڍا اسڪيچ موجود آهن، جيڪي خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
سڪندر آرٽ گئلري ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن لاءِ هر وقت کليل رهي ٿي.


لفظ سڪندر آرٽ گئلريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو